شهزادو بهرام

شهزادو بهرام (ڪتاب): مرزا قليچ بيگ هيءُ ڊرامو، وليم شيڪسپيئر جي مشهور ڊرامي Hamlet تان ترجمو ڪيو. هيءُ ڊرامو زندگيءَ جي فلسفي، انساني ڪردار، انساني چالاڪين ۽ حماقتن جو صحيح عڪس پيش ڪري ٿو ۽ پيشڪش جي لحاظ کان شيڪسپيئر جي مڙني ڊرامن ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. مرزا صاحب هن ڊرامي کي سنڌي ماحول ۾ ’شهزادو بهرام‘ جي عنوان سان 1914ع ۾ ترجمو ڪيو. هي ڊرامو بادشاهن جي روايتي دشمني، قتل ۽ تخت جي قبضي سان شروع ٿئي ٿو ۽ خون جي بدلي تي ڪهاڻي ٻڌل آهي. ان جنگ جي آخر ۾ پاڻ به مارجي وڃي ٿو. 239 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت سوا ٻه روپيا ڄاڻايل آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري طرفان پهريون ڇاپو 1961ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


لفظ شهزادو بهرامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو